واشنگٽن_28 ڊسمبر(اي پي پي) آمريڪا يوڪرين لاءِ 250 ملين ڊالرن جي اضافي فوجي امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اعلان ڪيو آهي ته يوڪرين کي اضافي 250 ملين ڊالر جي فوجي امداد يوڪرين لا??ِ امداد ۾ اضافي جي هدايت موجب آهي، هن وڌ??ڪ چيو ته پيڪيج ۾ هوائي دفاع لا??ِ استعمال ٿيندڙ گولا بارود، راڪٽ،توپ خاني جا 155 ايم ايم ۽ 105 ايم ايم گولا ۽ ننڍن هٿيارن لاءِ گولا بارود جا هڪ ڪر??ڙ 50 لک کان وڌ??ڪ جا رائونڊ شامل آهن، آمريڪي پرڏيهي وزير ان موقعي تي آمريڪي ڪانگريس تي زور ڀريو ته يوڪرين لا??ِ امداد جي جلد منظوري ڏيڻ لاءِ قدم کڻي ته جئين يوڪرين کي پنهنجي دفاع ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملي ۽ آمريڪي قومي سلامتي وارن قدمن کي وڌ??ڪ مضبوط بڻائي سگهجي.آمريڪا جي دفاع واري کاتي پينٽاگون جاري ڪيل بيان ۾ ڪانگريس تي زور ڀريو آهي ته هو جلد کان جلد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪاروائي ڪري ته يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت جاري رهي سگهندي.واضع رهي ته امريڪي صدر جوبائيڊن کي آڪٽوبر ۾ ڪانگريس مان يوڪرين لاءِ 60 ملين ڊالر امدادي پيڪيج جي منظوري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي ملي هئي.
آمريڪا جو يوڪرين لاءِ 250 ملين ڊالرن جي اضافي فوجي امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث