بيجنگ-16 فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ فن لينڊ جي نئين چونڊيل صدر کي مبارڪون ڏنيون. چيني خابرو اداري مطابق چيني صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ٻنهي ڌُرين جي گڏيل ڪوششن سان چين ۽ فن لينڊ جي لاڳاپن ۾ پنهنجي روايتي دوستيءَ ک?? جاري رکيو ويو آهي ۽ ويجهن سالن ۾ نئين اڳڀرائي به ٿي آهي. ٻنهي ملڪ?? هميشه گڏيل احترام، برابري وار?? سلوڪ ۽ گڏيل فائدي جي پاسداري ڪئي آهي ۽ـ مختلف شعبن ۾ عملي تعاون سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٺوس فائدو حاصل ٿيو آهي. چيني صدر چيو ته هو چين- فن لينڊ لاڳاپن جي ترقيءَ ک?? تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، انهي آڌار تي چين ۽ فن لينڊ وچ ۾ دوستي جاري رکڻ، ڳالهين ۽ سهڪار ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستقبل ۾ ٻَڌل نئين طرز جي شراڪتداري کي گهرو ڪرڻ، ??المي چئلينجن کي گڏيل طور تي مُنهن ڏيڻ ۽ عالمي امن ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ صدر اليگزينڊر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.
چيني صدر جي فن لينڊ جي نئين چونڊيل صدر کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ