اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اسان يقين رکون ٿا ته گڏيل قومون عالمي برادري جي لاءِ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ عالمي برادري کي درپيش مختلف مسئلن جي حل لاءِ بهترين فورم آهي. گڏيل قومن جي 71 هين سالگرهه تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان امن، سلامتي، ت??قي ۽ انساني حقن جي گڏيل مقصدن جي فروغ لاءِ گڏيل قومن ۾ پنهنجو اهم ڪر??ار برقرار رکيو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ سميت اندروني چئلينجن جي باوجود اسان گڏيل قومن جي امن مشن ۾ وڏا حصي??ار آهيون، اسان جي منزل عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪر??ار ادا ڪرڻ آهي، گذريل 5 سالن دوران هڪ لک 70 هزار پاڪستاني امن فوج ۾ سڄي دنيا ۾ گڏيل قومن تحت خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن جڏهن ته 146 پاڪستانين پنهنجي فرضن دوران پنهنجي جان جي قرباني پڻ ڏني.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل