اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ چيني ريڊيو چائنا ريڊيو انٽرنيشنل (سي آر آءِ) پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت جاري منصوبن ج?? گڏيل ڪوريج تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ سي آر آءِ جي ڊائريڪٽر جن??ل هو بانگ شينگ جي سربراهي ۾ سي آر آءِ جي 7 رڪني وفد جي اي پي پي هيڊڪوارٽرز جي دوري جي دوران طئي ٿيو. ان موقعي تي ڌرين خبرن جي مٽاسٽا جو پڻ فيصلو ڪيو. ان کان اڳ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪ??ر مسعود ملڪ وفد کي سرڪاري خابرو اداري جي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ ايڊيٽوريل سيٽ اپ ۽ پيشيواراڻي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea