اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??اه?? خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڪستان وٽ بهترين موقعو آهي، حڪومت پاڪ چين اقتصادي لنگهه مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورين وفاقي ڌرين کي برابر موقعا فراهم ڪيا آهن، پاڪستان دهستگردي خلاف ??نگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 107 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس ۾ شريڪ سينيئر سول سرونٽس سان وزيراعظم هائ??س ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم پاليسي سازي ۽ ان تي عملدرآمد ۾ سول سرونٽس جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته اهم معاملن تي توهان جي پيشيواراڻي راءِ ۽ ٽيڪنيڪل معاملن تي رهنمائي سياسي قيادت جي لاءِ انتهائي اهميت واري آهي.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز