ڪهوٽا – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مان بجلي ۽ گئس جي کوٽ ختم ڪئي و??ي آهي، جيڪي منص??با سالن کان مڪمل نه ٿيا هئا انهن کي مڪمل ڪيو، اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ملڪ جي خودمختياري جو سودو ڪرڻ کانسواءِ معيشت کي مضبوط ڪيو، مسلم ليگ (ن) جا ڪم ڪنهن کان به لڪل نه آهن، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ترقياتي منص??با مڪمل ٿي رهيا آهن، 2018ع جي عام چونڊن ۾ به عوام نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) کي سرخرو ڪندي، راولپنڊي ڪهوٽا رستي کي مانسهره کان ميرپور تائين موٽروي جي منصوبي سان ڳنڍيو ويندو، ان سان پورو علائقو ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو. راولپنڊي ڪهوٽا رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ واري منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقري?? ۽ ??وامي جلسي کي خطاب ڪندي هن ڪهوٽا جي عوام جا ٿورا مڃيا جنهن جلسي جو اهتمام ڪيو.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا