اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاران ??اڪستان ۾ دهشتگردي جي سرپرستي جا نا قابل ترديد ثبوت موجود آهن. ڀارت رياستي دهشتگردي ۾ سڌو سنئون ملوث آهي ۽ ان کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته ڀا??ت ۾ انتهاپسندي عروج تي آهي ۽ سڀ کان ??ڏي جمهوريت جي دعوي??ار ڀارت روگ اسٽيٽ جو روپ اختيار ڪندي پئي وڃي. عالمي برادري کي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڀارتي منصوبن جي ڄاڻ وقت به وقت ڏيندا رهيا آهيون. ڀارت جي رياستي دهشتگردي تي وڌيڪ چپ رهڻ نه پاڪستان ۽ نه ئي ڏکڻ ايشيا جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل بابر افتخار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ڀارتي ادارن جي هٿ هجڻ، پابندي پيل تنظيمن سان ??الي سهڪار، انهن تنظيمن جي ڪارڪنن کي سکيا ۽ هٿيارن جي فراهمي ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٽارگيٽس جي نشاندهي ۽ پئسن جي منتقلي بابت شاهديون پيش ڪيون.
ڀارت رياستي دهشتگردي ۾ سڌو سنئون ملوث آهي: شاهه محمود قريشي ۽ ڊي جي آئي ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ