اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جاري ڪئي وئي، پورٽل تي ٻن سالن م رجسٽرڊ ماڻهن جو انگ 30 لک کان وڌي ويو، ٻن سالن ۾ پورٽل کي 27 لک کان وڌيڪ شڪايتون مل??ون جڏهن ته 25 لک کان وڌيڪ شڪايتن جو ازالو ٿيو، پورٽل ذريعي ملندڙ شڪايتن جي حل تي نادرا جي ڪارڪردگي سڀ کان اطمينان جوڳي رهي، ٻاهرئين ??لڪ رهندڙ پاڪستانين ??اران هڪ لک 36 هزار کان وڌيڪ ملندڙ شڪايتن مان هڪ لک 28 هزار اڪلا??ون ويون. وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جاري ڪئي وئي. پي ايم ڊي يو جي انچارج عادل صافي ڪارڪردگي رپورٽ کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 27 لک 60 هزار ملندڙ شڪايتن مان 13 لک 41 هزار وفاقي حڪومت، 9 لک 45 هزار کان وڌيڪ پنجاب، 2 لک 62 هزار خ??بر??ختونخواهه، هڪ لک 67 هزار سنڌ، 22 هزار 700 اسلام آباد، 19 هزار 600 بلوچستان، 3421 گلگت بلتستان جڏهن ته 619 شڪايتون آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جي خلاف مليون. وفاق ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون بجلي ۽ توانائي بابت ه??ون جن جو انگ 4 لک 97 هزار کان وڌيڪ آهي، پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ ميونسپل سروسز بابت شڪايتون رهيون، باقي صوبن ۾ به ميونسپل سروسز بابت شڪايتن جو تناسب وڌيڪ رهيو. سڀ کان وڌيڪ شڪايتون اڪلائڻ جي شرح وفاق ۽ خ??بر??ختونخواهه ۾ 95 سيڪڙو رهيو، پنجاب ۾ 94 سيڪڙو، سنڌ ۾ 86 سيڪڙو، اسلام آباد 78، بلوچستان 89، گلگت بلتستان 84، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير 85 سيڪڙو رهيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پورٽل تي 11 لک غيرملڪي به رجسٽرڊ هن، ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي لاءِ هيلپ لائين ??ڻ قائم ڪئي وئي آهي جتان اهي پورٽل بابت معلومات وٺي سگهن ٿا.
پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جاري
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا