اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز، وزيراعظم عمران خان جي ڊيجيٽل ميڊيا فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد ۽ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جي جنرل مئنيجر ع??ران غزالي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سين??ٽر شبلي فراز وزيراعظم کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تجويز ڪيل ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ پاليسي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، جنهن جي حتمي منظوري وزيراعظم آفيس پاران ڏني ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پ??ڪستان ۾ هن وقت 93 ملين انٽرنيٽ صارفين موجود آهن جڏهن ته اهو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. انهي رجحان کي نظر ۾ رکندي ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ پاليسي جوڙڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي وئي آهي. في الحال وفاقي حڪومت جي ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ جو ڪو طريقيڪار موجود نه آهي. منطوري کانپوءِ اها پاڪستان جي حڪومت جي تاريخ جي پهرين پاليسي هوندي جنهن تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ذريعي حڪومت ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي تشهير ڪري سگهندي. پاڪستان جي ڊيجيٽل ميڊيا صنعت تيزي سان پکڙجي رهي آهي. ڄاڻايل پاليسي تحت نه رڳو نئين ڊيجيٽل پليٽ فار??ز ۽ پبلشرز جي حوصلا افزائي ٿيندي پر پاڪستاني معيشت کي پڻ فائدو پهچندو. ڊيجيٽل ميڊيا جي توثيق سان ڪارپوريٽ سيڪٽر پڻ ڊيجيٽل ميڊيا کي بطور اشتهاري مهم استعمال ڪرڻ طرف راغب ٿيندو. ڊاڪٽر ارسلان خالد وزيراعظم کي ڊيجيٽل ميڊيا ڊيولپمينٽ پروگرام جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان گهڻ رخي پروگرام جي نتيجي ۾ پاڪستاني ڊيجيٽل ميڊيا جي ترقي ۽ ترويج ۽ هيٺئين سطح تائين ڊيجيٽل خواندگي جو فروغ ممڪن ٿيندو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پي ايم ڊي پي شاگردن، پاڪستان حڪومت ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي وچ ?? فاصلا گهٽ ڪندو ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جو محفوظ مستقبل يقيني بڻائيندو.
وزيراعظم سان شبلي فراز، ڊاڪٽر ارسلان خالد ۽ عمران غزالي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر