اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي اندر امن پاڪستان جي لاءِ تمام اهم آهي، اسان افغانستان ۾ هڪ مستحڪم حڪومت ڏسڻ چاهيون ٿا، آمريڪا ۽ چين دنيا جون ٻه وڏيون اقتصادي طاقتون آهن، انهن جي وچ ?? لاڳاپا بهتر هوندا ته پوري دنيا ۾ بهتري ايندي، وزيراعظم آمريڪا، چ??ن ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح ڪيو، افغانستان جي حوالي سان ??نهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، طالبان کي اڳ ۾ آمريڪا ۽ پوءِ افغان عملدارن سان ڳالهين تي راضي ڪيو، چ??ن ۽ آمريڪا جي وچ ?? ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پاڪ – آمريڪا لاڳاپن خاص طور تي افعانستان جي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمر??ن خان ??يويارڪ ٽائيم کي پنهنجي انٽرويو ۾ آمريڪا، چ??ن ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح طور تي دنيا آڏو رکيو آهي. پنهنجي انٽرويو ۾ وزيراعظم آمريڪا سان ??اڳاپن جو هڪ نئون رخ بيان ڪيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ آمريڪا سان ??اڳاپن کي سيڪيورٽي جي ڏس ۾ ڏٺو ويندو هو، وزيراعظم آمريڪا سان سيڪيورٽي لاڳاپن بدران اقتصادي لاڳاپن تي زور ڏنو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم نيويارڪ ٽائيمز کي انٽرويو ۾ ڀارت ??ان ??اڳاپن ۾ بهتري جي پڻ اميد ظاهر ڪئي آهي. جيڪڏهن مستقبل ۾ ڀارت ??ان اسان جا لاڳاپا ٺيڪ ٿين ٿا ته ڀارت ۽ چين ٻن وڏين منڊين جي وچ ?? پاڪستان کي جاگرافيائي لحاظ کان اهم مقام حاصل هوندو، اهڙي طرح دنيا بشمول آمريڪا پاڪستان کي نظرانداز نه ڪري سگهندي.
افغانستان جي اندر امن پاڪستان جي لاءِ تمام اهم آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت