اسلام آباد – 27 211; ??يپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي موقف جي حم??يت جاري رکندو، آذربائيجان سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حم??يت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي سفير جي رهائشگاهه تي آزادي جي جنگ جي شهيدن جي قربانين کي ??راج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي ??اص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ??طاب ڪندي چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اهي لاڳاپا گڏيل تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثالي تعاون گڏيل اعتماد کي ??اهر ڪري ٿو، مشڪل جي هر گهڙي ۾ ٻئي ملڪ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي آزادي جي جنگ جي شهيدن کي ??راج عقيدت ڪندي چيو ته آذري فوج آزادي جي جنگ ۾ ڪمال مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان نگورنور ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي موقف جي حم??يت جاري رکندو ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن تحت آذربائيجان جي علائقائي سالميت جي حم??يت ڪندو رهيو آهي، ه?? چيو ته آذربائيجان سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حم??يت ڪئي آهي، سينيٽ چيئرمين آرمينيا کان آزاد ڪرايل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حم??يت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، سمورن عالمي فورمن تي آذربائيجان ۽ پاڪستان سدائين هڪٻئي جي موقف جي حم??يت ڪئي ۽ مستقبل ۾ به اهو مثالي تعاون جاري رهندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي ڀائيچاري جي فضا ڏٺي وڃي ٿي، پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪي گڏيل حڪمت عملي جي ذريعي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آذربائيجان جي حڪومت، پارليامينٽ، عوام ۽ سياسي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير به شرڪت ڪئي.
پاڪستان نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي موقف جي حمايت جاري رکندو: سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری