اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران آن لائن فاصلاتي تعل??م جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جديد دور جي بدلجندڙ ضرورتن ۽ عالمي معيار موجب فاصلاتي تعليمي پاليسي وڌيڪ بهتر بڻائيندي. فاصلاتي تعل??م جي پروگرام کي مرڪزي تعليمي نظام جو حصو بڻائڻ ج?? ضرورت آهي.
ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران آن لائن فاصلاتي تعليمي پاليسي تي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته آن لائن فاصلاتي ڪورسز جو مواد مارڪيٽ ج?? ضرورتن موجب جوڙڻ گهرجي. ملڪ جي س??اجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو تعداد وڌائڻ ج?? ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي ورچ??ئل يونيورسٽي جي آن لائن ۽ فاصلاتي تعل??م جي پروگرامن جي واکاڻ ڪندي چيو ته تعليم پرائيندڙ شاگردن جي تعداد ۾ اضافي لاءِ ورچ??ئل يونيورسٽي جهڙن ادارن جون ڪوششون تيز ڪرڻ ج?? ضرورت آهي،
صدر کي ايڇ اي س?? پاران بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته آن لائن فاصلاتي تعليمي پاليسي جو بنيادي مقصد قاعدن، هدايتن ۽ گهٽ کان گهٽ معيار جو تعين ڪرڻ آهي جڏهن ته آن لائين فاصلاتي تعليمي پاليسي تحت يونيورسٽين کي آن لائين ۽ فاصلاتي تعل??م جي اجازت ڏني ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي جو مقصد تعل??م جو معيار برقرار رکڻ لاءِ هڪجهڙي امتحاني نظام قائم ڪرڻ آهي، پاليسي پبلڪ ۽ پرائيويٽ ??ونيورسٽين جي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي ماهرن سان مشاورت کانپوءِ ٺاهي وئي آهي.