اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت سمال اينڊ ميڊيم سيڪٽر جي لاءِ آسانيون ??يدا ڪري رهي آ??ي، ننڍي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏنا پيا وڃن، ڪاروبار ۾ رڪاوٽون ??يدا ڪندڙ کاتن ۽ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وي??دي، ريگيوليشنز کي آسان بڻائينداسين، اسان جي ٽي سالا محنت ۽ پاليسين جا اثر نظر اچي رهيا آهن، پاڪستان جو روانگي واپار هن وقت رڪارڊ سطح تي آ??ي، رڪارڊ ٽيڪس ڪليڪشن ٿي آ??ي، رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آهي، چار اهم فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي آ??ي، مهانگائي جي لهر سڄي دنيا ۾ آئي آ??ي. نيشنل سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم اي) پاليسي 21 – 2020ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خسرو بختيار ۽ ان جي ٽيم کي ان پاليسي جاري ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن ايس ايم اي سيڪٽر جي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ايس ايم اي سيڪٽر کي اهميت ڏئي رهي آ??ي ۽ ان جي لاءِ آسانيون ??يدا ڪري رهي آ??ي، اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت ان حوالي سان ڪم ناهي ڪيو، اهو سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪندڙ شعبو آهي ۽ دولت جي پيداوار ۾ ان جو وڏو حصو آهي پر ايترو نه جيترو هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته اڳ ۾ ايس ايم ايز جي لاءِ قرض نه ملندا هئا، بئنڪ رڳو وڏن بزنس مينن کي قرض ڏينديون ??يون ??ر هاڻي ننڍي ڪاروبار جي لاءِ پڻ قرض جاري ڪرڻ کي آسان بڻايو وي?? آهي. وزيراعظم چيو تهآمريڪا م ٽيڪنالاجي جو انقلاب نوجوانن جي نئين آئيڊياز ۽ حڪومت پاران انهن جي سرپرستي جي ڪري مملڪن ٿيو، نوجوان وڏا وڏا خواب ڏسندا آهن ۽ انهن ۾ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو به هوندو آهي، انهن ۾ جنون ??وندو آهي جيڪو وڏي عمر جي ماڻهن ۾ ناهي هوندو، نوجوان رسڪ کڻي سگهن ٿا، حڪومت ۽ ادارن کي انهن کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته نوجوان آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻو ڪم ڪري رهيا آهن، اسان جي ملڪي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، انهن کي سهولتون ??راهم ڪرڻيون ??ونديون. هن چيو ته شهرن ۾ زمين مهانگي هوندي آ??ي ۽ ننڍي بزنس مين وٽ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ پئسو ناهي هوندو، حڪومت هاڻي ان سلسلي ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آ??ي، آسان ليز تي ڪاروبار جي لاءِ پلاٽ ڏنا وي??دا ۽ ربينُون ڪٽڻ جو خاتمو ڪيو وي??دو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت هو ته پاڪستان خطي ۾ تيزي سان اڳتي وڌندڙ ملڪ هو، ٻاهرئين دنيا ۾ اسان جي وڏي عزت هئي ۽ اسان کي تمام گهڻي اهميت ڏني وي??دي هئي ۽ دنيا اسان جي ترقي جو ماڊل ڏسڻ لاءِ ايندي هئي پر پوءِ اسان پنهنجو رستو وڃائي وي??اسين ۽ غلط فيصلا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ اسان زوال جو شڪار ٿياسين، اسان جي بيوروڪريسي جنهن ۾ وڏي قابليت هئي ان ۾ ميرٽ جو خاتمو ٿي وي?? ۽ اهي آ??يسر جيڪي اڳ م سهولتون ??راهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندا هئا اهي رڪاوٽون ??جهڻ لڳي ويا، اسان جي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته جيڪو به کاتو ۽ آفيسر زراعت، صنعت ۽ خدمتن جي شعبي سميت ڪاروبار جي رستي ۾ رڪاوٽون ??جهندو ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وي??دي. وزيراعظم چيو ته سنگاپور هڪ ننڍو ملڪ آهي پر ان جو روانگي واپار اسان کان وڌيڪ آهي، ٻيا ملڪ جيڪي اسان کان ترقي ۾ تمام گهڻو پٺتي هئا هاڻي تمام اڳتي نڪري ويا آهن، اسان کي پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرنيون آهن، ملڪ ۾ دولت جي پيداوار جي لاءِ سمال اينڊ ميڊيم انڊسٽريز تي ڀرپور ڌيان ڏينداسين، ريگيوليشنز جيڪا رستو روڪڻ جو ذريعو بڻجي وئي آ??ي ان کي نرم ڪنداسين ۽ ننڍن سيڙپڪارن جي لاءِ خاص طور تي آسانيون ۽ سهولتون ??يدا ڪنداسين، ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي ان جو تمام گهڻو فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت کي ايترن چئلينجز کي منهن نه ڏيڻو پيو، اسان جي حڪومت آئي ته پاڪستان ڏيوالپڻ ٿيڻ جي ويجهو هو، دوست ملڪ مدد نه ڪن ها ته اسان ڏيوالپڻو ٿي وڃون ??ا ۽ پاڪستان هڪ بدترين صورتحال ۾ وٺجي وڃي ها، حڪومت جي معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ صورتحال بهتر ٿي پر پوءِ ڪوويڊ جهڙو بحران اچي وي??، سئو سالن ۾ اهڙو بحران هڪ ڀيرو اچي ٿو پر حڪومت نه رڳو پنهنجي ماڻهن پر معيشت کي به بچايو، اڄ پوري دنيا اسان جي متعرف آهي ته اسان ڪوويڊ جي صورتحال کي بهترين طريقي سان منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، هاڻي بيهر هڪ نئين لهر اچي رهي آ??ي ان لاءِ اسان کي ايس او پيز تي پوري طرح عمل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪوويڊ جي صورتحال سان گڏ ئي افغانستان ۾ صورتحال تبديل ٿي جنهن جي نتيجي ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي اچن سان شين جون ??يمتون جيڪي پوري ۾ مهانگائي جي لهر جي ڪري بلند ٿي ويون ??يون، انهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي وي??. وزيراعظم چيو ته انهن سمورين مشڪلاتن ۽ مسئلن جي باوجود اڄ پاڪستان جو روانگي واپار رڪارڊ سطح تي آ??ي، رڪارڊ پرڏيهي مٽاسٽا جو نانو آهي، رڪارڊ ٽيڪس ڪليڪشن آهي. وزيراعظم چيو ته مون حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ 8 هزار ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، 6 هزار ارب رپين جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي، 8 هزار ارب رپين کان به وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪنداسين، ان جي لاءِ اسان آٽوميشن ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آڻي رهيا آهيون ڇو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻا ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين، رڳو 20 لک ٽيڪس ڏيندڙ آهن. وزيراعظم چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر رڪارڊ قرض ورتو آهي، حڪومت آبادگارن کي مراعتون ڏنيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڪڻڪ، ڪمند، مڪئي ۽ چانور جي رڪارڊ پيداوار ٿي آ??ي. وزيراعظم چيو ته رپئي تي پريشر ۽ دنيا ۾ ڪوويڊ جي صورتحال جي ڪري مهانگائي ٿي آ??ي پر موٽرسائيڪل ۽ گاڏين جو رڪارڊ وڪرو به ٿيو آهي، پاڪستان ۾ موبائيل فون ??هڻ شروع ٿي ويا آهن، مڃان ٿو ته مشڪل وقت آهي پر ٽن سالن ۾ اسان تمام گهڻي محنت ڪئي آ??ي جنهن جا اثر هاڻي سامهون اچي رهيا آهن، ايندڙ وقت اسان جي پاليسين جا ثمر کڻي ايندو. ان کان اڳ وزيراعظم سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم اي) پاليسي جاري ڪئي ۽ ايس ايم ايز رجسٽريشن پورٽل تي رجسٽرڊ ٿيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.
حڪومت سمال اينڊ ميڊيم سيڪٽر جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت