اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلينسڪي ٽيليفون ڪئي ۽ ٻنهي اڳوا??ن يوڪرين جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم عمران خان يوڪرين ۾ جاري عسڪري تڪرار تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي و??جا??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان يوڪرين ۾ جاري عسڪري تڪرار تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرا?? جي حل لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي و??جا??و. وزيراعظم چيو ته هو اسرندر ملڪن تي تڪرا?? جي منفي معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪري رهيا آهن جيڪو تيل ۽ شين جي وڌندڙ قيمتن مان ظاهر ٿئي ٿو. وزيراعظم عمران خ??ن عام شهرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان يوڪرين ۾ ماڻهن جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي سامان جي فراهمي لاءِ 2 سي – 130 جهاز روانا ڪيا. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي تازي اجلاس جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻڌايو ته اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن يوڪرين جي تڪرا?? جي ڪري سيڪيورٽي ۽ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پرڏيهي وزيرن فوري طور تي جنگ بندي جي خاتمي تي زور ڏنو ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن پاران ڳالهين واري عمل جي حمايت ۽ سهولت فراهم ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جهڙا غي??جا??بدار ملڪ جنگبندي ۽ تڪرا?? جي سفارتي حل جي لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عمران خان يوڪرين جي عملدارن پاران پاڪستاني شاگردن ۽ شهرين سان گڏوگڏ سفارتي عملي جي انخلا ۾ مدد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻين ملڪن پاران سفارتي حل جي سهولت جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.
وزيراعظم عمران خان کي يوڪرين جي صدر جي ٽيليفون، يوڪرين جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے