اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي دادو ضلعي ۾ ڳوٺ فيض محمد در??ان?? چانڊيو ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن ۽ زخمين جي امداد لاءِ وفاقي حڪومت هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته سانحي جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم شهباز شريف ضلعي انتظاميا کي متاثرين جي بحالي تائين هر ممڪن امداد فراهم رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن جي ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي. هن هدايت ڪئي ته زخمين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. وزيراعظم شروعاتي رپورٽ کانپوءِ باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪرڻ جي مڪمل جاچ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا ??هڙ?? قدمن کي يقيني بڻائي ته مستقبل ۾ ??هڙ?? ڪو واقعو سانحي جي شڪل اختيار ڪري سگهي ۽ تفصيلي رپورٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي خبر پو?? تي ذميوارن جي خلاف سخت ڪا??رو??ئي ڪئي وڃي.
وزيراعظم جي هدايت تي ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه واقعي جي متاثرين لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا جاري
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری