ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، توانائي، دفاع، تعليم ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم ??يو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. وز??راعظم ان موقعي تي پاڪستان سان تعاون ۽ يڪجهتي سان گڏوگڏ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ دل کولي مالي امداد جي فراهمي تي آذربائيجان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش هي قدرتي آفت ماحولياتي تبديلين جي ڪري آهي، هن عالمي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري فوري قدم کڻي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مثالي لاڳاپا آهن جي??ي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. وز??راعظم نگورنو ڪاراباخ تي پاڪستان پاران آذربائيجان جي اصولي حمايت کي ورجائيندي ان جي والاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آرمينيا جي اشتعال انگيز حملي ۾ 70 آذري فوجين جي تازي شهادت تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. وز??راعظم عالمي قانون موجب ۽ ان جي علائقائي سالميت جي تحفظ ۾ آذربائيجان جي پنهنجي دفاع جي حق جي حمايت کي ورجايو. پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺندي ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي، توانائي، دفاع، تعليم ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم ??يو. وز??راعظم واپار، سيڙپڪاري، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صلاحيت کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وز??راعظم آذربائيجان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. صدر الهام عليوف وز??راعظم کي جلد آذربائيجان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
پاڪستان ۽ آذربائيجان پاران مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔