اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب جي مختلف ضلعن مان مسلم ليگ (ن) جي يوٿ ونگ جي عهديدارن جو اجلاس اڄ اربع ڏينهن 180 ايڇ ماڊل ٽائون لاهور ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت پارٽي جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مر??م نوازڪندي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اجلاس ۾ يوٿ ونگ، سوش?? ميڊيا جي تنظيمي ڍانچي جو جائزو ورتو ويندو. نوجوانن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي لاءِ تجويزون ورتيون وينديون. اجلاس ۾ يوٿ ونگ جا عهديدار يوٿ چارٽر جي تياري لاءِ پنهنجون تجويزون ڏيندا. هن چيو ته اجلاس ۾ يوٿ پاليسي تي مشاورت سميت سوش?? ميڊيا جي استعمال ۽ نوجوانن جي ڪردار تي به غور ٿيندو. چيف آرگنائيزر مر??م نواز يوٿ ڊيولپمينٽ پاليسي جي لاءِ پارٽي ترجيحون بيان ڪندي.
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل