اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي مهارت ۽ ص??احيتن تي پڪو اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نوجوان پنهنجي خداداد صلاحيتن سان سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا، پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن پروگرامن کي فروغ ڏنو وڃي جن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي فروغ ڏيڻ هجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيشنل انوويشن ايوارڊ اسان جي نوجوانن جون تخليقي صلاحيتون پيش ڪرڻ جي صلاحيت کي اڀا??ي ٿو جن کي موثر منصوبن ۾ آڻي سگهجي ٿو، 20 هزار درخواست ڏيندڙن مان 100 ذهين نوجوانن ۾ 16 ڪروڙ رپين جي روڪ رقم ورهائي وئي، ان ۾ 20 لک رپين تائين جو ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو پيش ڪيل آئيڊياز جي غيرمعمولي نوعيت تي ٻڌل آهي. وزيراعظم يقين ظاهر ڪيو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن پروگرامن کي فروغ ڏنو وڃي جن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي فروغ ڏيڻ هجي جيڪو اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اه?? آهي. شهباز شريف چيو ته انهن کي پنهنجي باصلاحيت نوجوانن جي مهارت ۽ ص??احيت تي پڪو اعتماد آهي ته اه?? رستي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا، پنهنجي هوشيار نوجوانن سان ملڻ سدائين خوشي جو سبب بڻجي ٿو.
نوجوان پنهنجي خداداد صلاحيتن سان سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria