نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”لاس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جي انتظامن“ جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پا??ان جاري بيان موجب اجلاس ۾ مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري ۽ يو اي اي جي صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ ڪوپ – 28 جي نامزد صدر ڊاڪٽر سلط??ن احمد الجابر پڻ شريڪ ٿيا. نگ??ان پرڏيهي وزير ملاقات دور??ن اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪامياب ڪوپ – 28 ج?? لاءِ تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. گذريل سال جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين طور تي پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. نگ??ان پرڏيهي وزير ڪوپ – 28 ۾ هڪ مضبوط، موثر ۽ وسيلن سان ڀرپور ”لاس اينڊ ڊيميج فنڊ“ کي فعال ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي لاس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جي انتظامن جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ