اسلام آباد – 02 – آڪ??وب?? (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پوليو جو خاتمو اسان جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي، ان موذي مرض کان اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل کي بچائڻ آهي، ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جي عزم سان پوليو جي خاتمي جي جنگ کٽينداسين، پوليو ورڪرز اسان جا اصل هيروز آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي شروعات واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري 5 ڏينهن واري قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪري ڇ??ي. هن ان مهم دوران 5 سالن تائين جي عمر جي 4 ڪروڙ 40 لک کا?? وڌيڪ ٻارن کي پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پياريا ويندا. ان قومي مهم ۾ ساڍا 3 لک پوليو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن، جيڪي ا??ان جا اصل هيروز آهن ۽ فرنٽ لائين ورڪرز آهن، حڪومت انهن سان گڏ بيهي پوليو جي خاتمي لاءِ جنگ پنهنجي عالمي حصيدارن سان وڙهي رهي آهي ۽ ان موذي مرض کان اسان جي ايندڙ نسل کي بچائڻو آهي، اهو اسان سڀني جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي. نگران وزيراعظم سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايندڙ نسل کي ان مرض کان بچائڻ جي مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ۽ الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول جي خوشنودي ۽ پنهنجي آخرت سنوارڻ جي لاءِ حڪومت جي مدد ڪن. هن چيو ته ان مهم کي ا??ان کي اهڙو مشن سمجهي پورو ڪرڻو آهي جنهن سان عالمي دنيا ۽ مسلمان امت جي اهڙي تصوير پيش ٿئي جنهن ۾ پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار ٿئي ۽ انهي عزم سان پوليو جي خاتمي واري جنگ اسان ضرور کٽينداسين.
پوليو جو خاتمو اسان جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ