اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوس??ل لا??يف انشورنس کي فوتي پاليسي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پوس??ل لا??يف انشورنس جي داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي، پوس??ل لا??يف فوتي پاران ڄمڻ جي تاريخ غلط ٻڌائڻ ۽ شگر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگ?? کان انڪار ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب عبدالعزيز جي والد پوس??ل لا??يف کان 2010ع ۾ 50 لک رپين جي انشورنس پاليسي خريد ڪئي هئي. 2015ع ۾ والد جي لاڏڻ?? کانپوءِ پوس??ل لا??يف پٽ کي رقم جي ادائيگ?? کان انڪار ڪري ڇڏيو. فوتي جي پٽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي. وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته فوتي پاليسي هولڊر سڃاڻپ ڪارڊ تي داخل ڄم جي تاريخ موجب انشورنس پاليسي خريد ڪئي ۽ پوس??ل لا??يف فراهم ڪيل معلومات قبول ڪرڻ کانپوءِ انشورنس پاليسي جاري ڪئي. فيصلي موجب انشورنس ايجنسي پاران شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادائيگ?? کان انڪار بدانتظامي جي برابر آهي. ڪمپني وفاقي محتسب جي شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ فيصلو ڪرڻ تي صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ حقيقتن جي روشني ۾ شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. صد?? پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس آرڊيننس موجب ڪا انشورنس پاليسي شروع ٿيڻ جي تاريخ جي 2 سالن کانپوءِ غلط معلومات جي بنياد تي چئلينج نه ٿي ڪري سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب زيابيطس ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙي بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي، اهڙين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر هدايت ڪئي ته پوس??ل لا??يف وفاقي محتسب جي فيصلي جي 30 ڏينهن ۾ تعميل ڪندي فوتي جي وارثن کي ان جي انشورنس ڪليم ادا ڪري.
صدر پاران پوسٽل لائيف انشورنس کي فوتي پاليسي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل