اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ??اپ??ر، توانائي، رابطن، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ۽ ايندڙ 5 سالن ۾ ??اپ??ري ڪاٿو 10 ارب ڊالر ??ائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابر??هي?? رئيسي جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن جا وزير ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي دائري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن جي تاريخ تي روشني وجهندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، خاص طور تي ??اپ??ر، توانائي، رابطن، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وسيع پئماني تي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين ايندڙ 5 سالن ۾ بطرفي ??اپ??ر جو ڪاٿو 10 ارب آمريڪي ڊالر ??ائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي خطري سميت گڏيل چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. صدر ابر??هي?? رئيسي ۽ وزيراعظم شهباز شريف غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان طاقت جي انڌاڌنڌ استعمال جي شديد مذمت ڪندي فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي لاءِ عالمي ڪوششن ۽ گه??راءُ ختم ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ غزه جي گه??ريل عوام جي لاءِ انساني بنيادن تي امداد جي اپيل جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪشميري عوام ۽ ان جي جائز حقن جي لاءِ ايران جي واضح ۽ اصولي حمايت تي ايراني قيادت خاص طور تي سپريم ليڊر آيت علي خامنه اي جي موقف کي سار??هي??.
پاڪستان ۽ ايران پاران ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، توانائي، رابطن، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ، ايندڙ 5 سالن ۾ واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل