اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ ۾ غفلت ڪندڙ آفيسرن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ قائم انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي و??ي، وزيراعظم ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽ?? جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انڪوائري ڪميٽي جي ميمبرن بشمول ناڻي وارو سيڪريٽري امداد بوسال، اويس ڪنڊي، نعمان خالد ۽ بابر مجيد ڀٽي شريڪ هئا. ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ملڪ ۾ سگريٽ سازي، ڀاڻ ۽ سيمنٽ جي ڪارخانن ۾ پيداوار جي مانيٽرنگ، جعلي مصنوعا?? جي سڃاڻپ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ ٺاهيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ۾ ناقص منصوبابندي ۽ لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان غفل?? جي ڪري ملڪي معيشت کي نقصان پهتو، ايتري اهم قومي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ ۾ جلدبازي ڪري اهم شقن کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي، لائسنسي سان معاهدي تي فوري نظرثاني ڪئي وڃي، معاهدي ۾ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۽ تڪرارن جي حل جي متبادل نظا?? جي حوالي سان پڻ شقون شامل ڪيون وڃن، انڪوائري رپورٽ موجب ان وق?? جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ميمبر آپريشنز ان لينڊ روينيو ان غفلت جا مرڪتب ٿيا. رپورٽ موجب ان سنگين غلطي جي بنيادي ذميواري بعد ۾ انهن ئي عهدن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن تي لاڳو ٿئي ٿي، ناقص انتظامي نگراني جي لاءِ ان وق?? جي ايف بي آر چيئرمين کي ذميوار قرار ڏنو ويو. وزيراعظم جامع رپورٽ جوڙڻ تي انڪوائري ڪميٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.
وزيراعظم کي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ ۾ غفلت جي حوالي سان انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ پيش، وزيراعظم پاران سخت محڪماڻي ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی