اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ت??جيح آهي، پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان گيٽس ف??ئو??ڊيشن جي سربراهه بل گيٽس ملاقات ڪئي. بل گيٽس وزير??عظ?? جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. وزير??عظ?? عالمي اقتصادي فورم جي هن سال رياض ۾ ٿيندڙ اجلاس جي موقعي تي بل گيٽس سان پنهنجي ملاقات دوران کيس پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. وزير??عظ?? شهباز شريف بل گيٽس کي معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل مالياتي خدمتن ۾ اهم اڳڀرائي، صحت جي سهولتن ت??ئين پهچ ۾ بهتري، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ۽ پوليو جي خاتمي جي حڪومتي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. وزير??عظ?? معيشت کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي قدمن جي لاءِ گيٽس ف??ئو??ڊيشن جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پوري حڪومتي ڍانچي جي هڪ ڊيجيٽلائيزڊ ايڪو سسٽم جي نتيجي ۾ اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ حڪومت عوامي ڀلائي جي اسڪيمن تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي قابل ٿيندي. وزير??عظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان حڪومت ۽ گيٽس ف??ئو??ڊيشن ٻنهي جا ڪيترائي هدف آهن جن ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ، صحت جي سهولتن ت??ئين پهچ ۾ اضافي، غذائي تحفظ کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ۽ مالياتي شموليت شامل آهي. وزير??عظ?? گيٽس کي مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهه ڪيو. پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي لاءِ سڀ کان وڏو عطيو ڏيڻ تي گيٽس ف??ئو??ڊيشن جا ٿورا مڃيندي وزير??عظ?? پوليو وائرس جي وڌندڙ انفيڪشن جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ جامع حڪمت عملي ۽ پاڪستان ۾ ان بيماري کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ گهربل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن پوليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ملڪ مان پوليو جو خاتمو حڪومت اولين ت??جيح آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزير??عظ?? چيو ته جيستائين ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ان حوالي سان قومي سطح تي ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. بل گيٽس ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي حوالي سان مسلسل لگن ۽ ذاتي دلچسپي جي لاءِ وزير??عظ?? جا ٿورا مڃيا. هن ان يقين جو پڻ اظهار ڪيو ته مسلسل ويڪسينيشن ۽ حڪومت جي پختي عزم سان پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس ڊيٽا سائنس ٽولز ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي کي پاڪستانين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اهم وسيلا قرار ڏنو. ٻنهي ڌرين نه رڳو پوليو جي خاتمي پر سمورن صوبن ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمورن پاڪستانين خاص طور تي عورتن جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم پاران ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج