اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ??يم ايف) چيو آهي ته عالمي سطح تي ماحول دوست معيشت کي هٿي ڏيڻ سان اُسريل ۽ اُسرندڙ ??لڪ?? ۾ روزگار جا موقعا وڌي رهيا آهن. اها ڳالهه آءِ ??يم ايف طرفان جاري تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته گرين معيشتن کي هٿي ڏيڻ سان ملازمتن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن جو مقصد ڪاربان جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحول کي پائيدار بڻائڻ آهي، جڏهن ته رپورٽ موجب ماحول دوست ملازمتن ۾ عورتن جي نمائندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن کي ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ ??رين ملازمتون ملي رهيون آهن، جڏهن ته ملازمت ماڻيندڙ عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو وڌيڪ اجرت ملي رهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيم (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي) جي شعبن ۾ عورتن جي شرڪت ۾ واڌ ۽ صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ سان سبز معيشت ۾ منتقليءَ جو عمل تيز ۽ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي ??ه زور ڀريو ويو آهي ته موسمياتي ??بديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ صنفي مساوات ۽ تعليم ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي. رپورٽ مطاب?? انهن ??لڪ?? ۾ جتي ??ورتن کي برابريءَ جا موقعا ڏنا پيا وڃن اتي ڪاربان جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ وارين پاليسين جو اثر وڌيڪ اثرائتو ٿي رهيو آهي. آءِ ??يم ايف سمورن ??لڪ?? سان اسٽيم ۽ صنفي شموليت کي هٿي ڏئي ماحول دوست معيشت جي ترقي ۾ مدد لاءِ قدمن جي ضرورت تي ??ور ڀريو آهي.
ماحول دوست معيشت کي هٿي ڏيڻ سان اُسريل ۽ اُسرندڙ ملڪن ۾ روزگار جا موقعا وڌي رهيا آهن: آءِ ايم ايف
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا