اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي ڪميشن ۽ يورپي ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي پاران پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي اڏامن تان پابندي هٽائڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان سان پي آءِ اي جي ساک مستحڪم ٿيندي ۽ مالي طور تي پڻ فائدو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري ??يا?? ??وج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي واري ??زارت، پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي عملدا??ن ۽ پي آءِ اي جي انتظاميا کي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته پابندي هٽائڻ سان پي آءِ اي جي ساک مستحڪم ٿيندي ۽ ان کي مالي طور تي پڻ فائدو ٿيندو، اهو پاڪستان جي ڪامياب پاليسين جو مظهر آهي. هن چيو ته يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ هوائي سفر ۾ آساني پيدا ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک