گڏيل قومون-03 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني ح??ن جي ماهرن چيو آهي ته غزه ۾ نسل ڪشي ۽ انساني تب??هي کي روڪڻ جو وقت ختم ٿيندو پيو وڃي. برطانوي اخبار موجب گڏيل قومن جي والاريل فلسطيني علائقن لاءِ خصوصي نمائندي سميت انساني ح??ن جي ماهرن جي هڪ گر??پ گذريل ڏينهن هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته اسان کي يقين آهي ته فسلطيني عوام نسل ڪشي جي سنگين خطري جي ور چڙهيل آهي. بيان ۾ چيو ويو ته هاڻي ڪارروائي جو وقت آهي، اسرائيل جي اتحادين تي به ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ۽ کين ان جي تب??هي آڻيندڙ قدمن کي روڪڻ لاءِ فوري طور تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ماهرن خوراڪ، پاڻي، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي سخت ضرورت ۽ صحت کي درپيش خطرن بابت خبردار ڪندي چيو ته غزه جي صورتحال هڪ تب??هي آڻيندڙ موڙ تي پهچي چڪي آهي، انساني ح??ن واري ڪائونسل طرفان گڏيل قومن جي خصوصي نمائندن کي بنا معاوضي ۽ آزاد ماڻهن جي ذميواري سونپي وئي آهي، ??هي ماهر گڏيل قومن طرفان ڳالهيون نٿا ڪن پر ڪائونسل جي فيڪٽ فائنڊنگ ۽ مانيٽرنگ ميڪنزم جي حصي طور پنهنجي نتيجن کي ڪائونسل کي رپورٽ ڪندا آهن، غزه جي صورتحال تي رپورٽ تي 1967ع کان والاريل فلسطيني علائقي ۾ انساني ح??ن جي صورتحال تي خصوصي نمائن??ي فرانسسڪا البانيز به صحيحون ڪيون، ٻين صحيحن ڪندڙن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، کاڌي، جسماني ۽ ذهني صحت، مقامي بي گهر ماڻهن ۽ اظهار راءِ جي آزادي سميت نسل پرستي تي خصوصي نمائندا شامل هئا. ماهرن مطالبو ڪيو ته ڌرين کي عالمي انساني ۽ انساني ح??ن جي قانو?? تحت پنهنجي ذميوارين تي عمل ڪرڻو پوندو، بيان ۾ چيو ويو ته اسان انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪريون ٿا ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته امداد انهن ماڻهن تائين پهچي جنهن کي ان جي سڀني کان وڌيڪ ضرورت آهي.
غزه ۾ نسل ڪشي روڪڻ لاءِ وقت ختم ٿيندو پيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش