غزه-12 ڊسمبر (اي پ?? پي)غزه تي اسرائيل جي تازن حملن ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي حفاظت تي مقرر 12 فلسطيني گارڊ شهيد ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي سول ڊفينس ايجنسي چيو آهي ته ڪالهه صبح اسرائيلي فضائي حملن ۾ 12 فلسطيني گارڊن کي شهيد ڪيو ويو جيڪي علائقي جي ڏاکڻي علائقي ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي حفاظت ڪري رهيا هئا. ايجنسي جي ترجمان موجب رفح ۾ هڪ حملي ۾ 7 محافظ، جڏهن ته هڪ ٻي حملي ۾ خان يونس ۾ 5 محافظ شهيد ٿيا. هن چيو ته ا??هن حملن ۾ اٽڪل 30 ڄڻا زخمي ٿيا جن ۾ اڪثر ٻار شامل آهن. فلسطيني پ??اهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ايجنسي جو ??وا??و ڏيندي ٻڌايو ته ا??و کڻي ويندڙ ٽرڪ گڏيل قومن جي فلسطيني پ??اهگيرن جي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي گودامن طرف وڃي رهيا هئا، اسرائيلي فوج انهن حملن بابت پڇيل سوالن جا فوري طور ڪي به جواب نه ڏنا.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ