اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سال جي انته??ئي اهم پرڏيهي دوري تي ڪالهه ڇنڇر جي صبح نيويارڪ روانو ٿي ويو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٽئين اقتدار جي دور ۾ وزيراعظم 193 رڪني عالمي فو??م کي چوٿون خطاب ڪندو، اميد آهي ته وزيراعظم 21 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو جنهن ۾ هو اهم علائق??ئي ?? عالمي معاملن تي پاڪستان جو جي موقف جي وضاحت ڪندو ۽ سندس خطاب ۾ ڀارتي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خصوصي روشني وڌي ويندي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب نيويارڪ جي دوري ۾ وزيراعظم جو شيڊيول انته??ئي مصروف هوندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت ڪيترن عالمي اڳواڻن سان پڻ ٻ??رفيون ملاقاتون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک