نيويارڪ – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان ع??اسي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. اها ??لاقات گڏيل قومن جي جنرل اسي??بل?? جي اجلاس جي موقعي تي ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم بڻائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شاهد خاقان ع??اسي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن، ثقافت، تاريخ، گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلجي ويا آهن ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ اهي وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باقاعده ا??ليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل ذريعي اداراجاتي رابطن کي ساراهيندي ٻنهي اڳواڻن سياسي، دفاعي، واپاري ۽ سيڙپڪاري مٽاسٽا جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم سان ترڪي جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ