اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير بيريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پوري قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته نگران حڪومت ٻن مهين?? جي آئيني مدي دوران وقت سر، شفاف، غيرجانبدار ۽ پرامن چونڊن کي يقيني بڻائيندي، آئين ۾ عام چونڊ?? جي لاءِ 60 ڏينهن کان وڌيڪ جي گنجائش نه آهي، نگران حڪومت آئي?? جي مڪمل پيروي ڪندي، بلوچستان ۾ موسم جي خرابي ۽ ڪجهه تڪ?? جي نئين تڪ بندين سان چونڊن ۾ دير جو ڪو امڪان نه آهي. هو پاڪستان ٽيليويز?? جي پروگرام سچ ته اهو ??هي ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. وفاقي وزير بيريسٽر سيد علي ظفر چيو ته وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ نگران ڪابينا جي لاءِ منهنجي چونڊ پاڻ ڪئي ۽ مون کي اطلاعات، قانون ۽ انصاف ۽ پارلياماني معامل نواري وزارت جو قلمدان ڏنو آهي، مون کي اهو قلمبند ملڻ تي خوشي ٿي ان کان وڌيڪ خوشي منهنجي والده کي ٿي آهي ڇو ته منهنجو والد ايس ايم ظفر پڻ قانون وارو وزير رهي چڪو آهي.
قوم کي خاطري ڪرايان ٿو چونڊون آئيني مدي اندر ڪرايون وينديون: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام