اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز مخالف ڌر پاران ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ کي غ??رذ??يواراڻي سياست قرار ڏيندي چيو آهي ته ان عمل مان ثابت ٿي ويو ته مخالف ڌر پارٽيون پارليامينٽ تي به اعتماد نه ٿيون ڪن، مخالف ڌر کي ان غ??رذ??يواري تي سڄي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو، حڪومت پنهنجي پاليسي ۽ م??قف تي مضبوطي سا?? بيٺل آهي، مخالف ڌر سا?? يا مخالف ڌر کانسواءِ عوام جي ڀلائي، روزگار جي حفاظت يقيني بڻائينداسين، بدقسمتي سا?? جمهوريت جا دعويدار هر معاملي کي سياست جو رنگ ڏين ٿا، عدالت جي فيصلي، حڪومتي ايس او پيز جي خلاف ورزي تي پي ڊي ايم پشاور جلسي جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙ قائدين جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڄاڻ?? واڻي عوام جي جان کي خطري ۾ وجهندڙ قومي ڏوهاري آهن، ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر شديد ترين لهر اچي چڪي آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ احتياط ئ?? واحد رستو آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت عوام جي جان، روزگار، معاشي سرگرمين جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي، ان جي لاءِ سخت پابنديون پڻ لڳايون وينديون. هو ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سا?? بريفنگ ڏئي رهيو هو.
مخالف ڌر پاران بائيڪاٽ غيرذميواراڻي سياست آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : bolão quina