سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ نه سوچيو، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو عام ماڻه?? کي گهرن جي فراهمي لاءِ قرض ڏنا، حڪومت جو ڪم عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، کنڊ جي قيمت ۾ اضافي جي جاچ ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون، ڪنهن جا خدشا آهن ته جائزو وٺي سگهن ٿا پر قانون جي بالادستي تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي، طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کانسواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي جنهن معاشري ۾ انصاف ناهي هوندو اتي غربت هوندي آهي. سرگوڌا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وز??راعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ گهر ٺاهڻ جو نه سوچيو، وز??راعظم جوڻيجو جي دور ۾ منصوبو ٺاهيو ويو پر ناڪام ٿي ويو، حڪومت ماڻه?? کي مفت گهر نٿي ڏي سگهي پر بئنڪن جي ذريعي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي ته جئين عام ۽ غريب ماڻه?? کي گهر ??ي تعمير لاءِ رقم دستاب ٿي سگهي، پهرين بئنڪون عام ماڻه?? کي قرض نه ڏينديون هيون، هائوسنگ لاءِ قرض ڏيڻ جي راهه ۾ قانوني رڪاوٽ هئي جنه?? کي اسان ختم ڪري ڇڏيو. ان ۾ ٻه سال لڳي ويا، گهر ٺاهڻ لاءِ بئنڪن جي شرڪت نهايت ضروري هئي، بئنڪ?? کي ان منصوبي ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي وئي، وز??راعظم چيو ته هاڻي بئنڪن جي عملي کي تربيت ڏني پئي وڃي ته ڪهڙي طرح هو غريب ماڻهو کي سهولت فراهم ڪن، حڪومت گهر ??ي تعمير تي ٽي لک سبسڊي به ڏئي رهي آهي ۽ ان سان گهرن جون قسطون گهٽ ٿي وينديون، هڪ عام ماڻهو جيڪو رقم پن??نجي گهر ??ي مسواڙ جي مد ۾ ڏيندو آهي اها ئي رقم بئنڪ کي قرض جي قسط جي صورت ۾ ادا ڪري پن??نجي گهر ??و مالڪ بڻجي سگهي ٿو. جهانگير ترين ۽ سندس حمايت ڪندڙ ڪجهه ميمبرن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وز??راعظم چيو ته هو ميمبرن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهي پر سوا سال ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 26 روپين جو اضافو ٿيو جنهن سان عوام جي کيسي مان 126 کان 140 ارب روپيا نڪري شوگر ملز مالڪن جي جيب ۾ هليا ويا، وز??راعظم چيو ته حڪومت جو عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي، اسان جڏهن ايف آءِ اي کان ان معاملي جي انڪوائري شروع ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون ته خبر پئي ته ڪيئن ڪارٽلز ٺاهي اهي عوام جو رت چوسين ٿا، ٽيڪس چوري ڪن ٿا، انڊر ڊڪليئر ڪندا آهن.
پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ نه سوچيو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará