هنزه – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي لاڳاپيل عملدارن کي ان??اني ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ مستق??ل ۾ جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنزه ششپر گليشيئر کان متاثر علائقي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. صدر کي حسن آباد ايف ڊبليو ڪئمپ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ايف ڊبليو او جي اعليٰ عملدارن پاران بريفنگ ڏ??ي وئي. صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري گليشيئرز جي پگهڙڻ ۾ تيزي آئي آهي، لاڳاپيل عملدار ان??اني ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهن، سمورا ممڪن حفاظتي قدم کڻن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي ماڻهن کي قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ سمورن ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ گهرجي، لاڳاپيل ادارا اهڙن واقعن جي وقت سر روڪٿام ۽ مستق??ل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻن. هن چيو ته متاثر پل جي فوري تعمير ۽ متاثرين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ششپر گليشيئر جي متاثرين جا مطالبا حل ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. صدر کي ششپر گليشيئر جي پگهڙڻ، ممڪن خطرن، حسن آباد ۾ تعمير هيٺ آر سي سي پل ۽ ٻين مواصلاتي ان??ظامن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. صدر هنگامي حا??تن ۾ عوام کي جاني ۽ مالي طور تي تحفظ فراهم ڪرڻ تي ايف ڊبليو او، جي پي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ضلعي ان??ظاميا جي قدمن کي ساراهيو.
گلگت بلتستان ۾ مستقبل ۾ جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔