اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچي ويو آهي، قطر جي ٽرانسپورٽ واري وزير جاسم سيف السليطي دوحه جي هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ??يو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي دعوت تي قطر جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جو قطر جو دورو پاڪستان قطر ٻطرفن لاڳاپن، واپار، سي??پڪاري ۽ علائقائي امن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي تعاون جي فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزارت عظميٰ سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جي پهرين قطر جي دوري جي دوران پاڪستان ۾ زراعت، قابلت جديد توانائي، هوابازي، انفراسٽرڪچر، سي??حت، لائيف اسٽاڪ، کاڌي پيتي جي شين جي درآمدي، صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ قطري سي??پڪاري کي فروغ ملندو. قطر جي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير ۽ قطر جي ٻي اعليٰ قيا??ت سان ملاقاتون ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف قطر جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی