اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عا??مي اقتصادي بحران جي ڏس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ازبڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي سالياني اجلاس جي لاءِ روانو ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ و??ير??عظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي جي خواهشن ۽ امنگن جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي. عا??مي اقتصادي بحران جي گهرج آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل ”شنگهائي اسپرٽ“ جي عزم کي ورجائي ٿو. و??ير??عظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جيو پوليٽيڪل ۽ جيو اڪنامڪ جي شعبن ۾ ٿيندڙ پريشان ڪندڙ تبديلين جي دور ۾ اڳتي وڌڻ جو رستو متعين ڪري سگهي ٿي.
عالمي اقتصادي بحران جي ڏس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ریل رش