اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) آل ??اڪستان چائينز انٽر پرينيئور ايسوسيئيشن کُليل آسمان هيٺ ترسيل ٻوڏ متاثرن لاءِ 400 خيما عطيي طور ڏنا آهن ۽ مستقبل ۾ امداد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ چين جي سفارتخاني ۾ هڪ سادي پر شاندار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ خيما اسلام آباد وومين چيمبر جي صدر رضوانه آصف ۽ جمهوري وطن پارٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽر مير چاڪر بگٽيءَ حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي آل ??اڪستان چائينز انٽر پرينيئور ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين سن يو چينگ چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي مثالي آهي ۽ چين هر ڏُکي وقت ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي دوستي هر ايندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. آگسٽ 2022ع ۾ و??يراعظم جي رليف ??نڊ ۾ 15.5 ملين جو عطيو پڻ جمع ٿي چڪو آهي جڏهن ته ان کان علاوه به ڪيترائي فلاحي ڪم شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل