اسلام آباد – 06 ?? ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لا???? ڀٽو زرداري سڀاڻي اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير ??لا???? ڀٽو زرداري بالي انڊونيشيا ۾ پنهنجي انڊونيشيائي هم منصب مسوڊي رينٽو سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير بالي ۾ ٻن گهڻ رخي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۽ افغان عورتن جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. ??لا???? ڀٽو زرداري 15 هين بالي ڊيموڪريسي فورم ۾ جمهوري قدرن جي پاڪستان جي عزم ۽ جديد دو?? جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جمهوريت جي اهميت کي اجاگر ڪندو. هو افغان عورتن جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بشمول معاشري جي سمورن طبقن جي لاءِ تعليم تائين برابر پهچ جي اهميت کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندو. پرڏيهي وزير ??لا???? ڀٽو زرداري جي دوري دوران سنگاپو?? جي صدر حليمه يعقوب ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالاڪرشنن سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزي?? جي انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ان اعليٰ ترجيح جو عڪاس آهي جيڪو پاڪستان آسيان ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ??لا???? ڀٽو زرداري جو انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ٻنهي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب