اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ گبد پولان ٽرانسميشن لائين منصوبن سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزي??اع??م چيو ته ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي سان سندس انتهائي تعميري ۽ لاڀائتي ملاقات ٿي آهي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. وزي??اع??م چيو ته اسان مستقبل جي تعاون جي روڊ ميپ جي لاءِ واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ز??اع?? ۽ بجلي جي شعبن کي ترجيحي بڻائڻو آهي. ان مقصد جي لاءِ آزاد واپار جي معاهدي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ کي ترجيحي ڏني ويندي. وزي??اع??م چيو ته ڪالهه ب??وچ??تان جي ماڻهن لاءِ هڪ يادگار ڏينهن هو. من پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ پولان گبد ٽرانسميشن لائين جي گڏيل افتتاح سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو. هن چيو ته سرحدي منڊين ذريعي واپار جي وڏي گنجائش آهي، جنهن مان اسان فائدو کڻنداسين. مند پشين بارڊر مارڪيٽ 6 سرحدي مارڪيٽن مان هڪ آهي. هن چيو ته انهن سڀني ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن 2009ع کان التوا هيٺ ٽرانسميشن لائين منصوبي کي رڪارڊ چئن مهينن جي مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو آهي.
مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ گبد پولان ٽرانسميشن لائين منصوبن سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل