اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) صد?? ڊا??ٽر عارف علوي فرانس جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران فرانس جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? فرانسيسي جمهوريه جي صد?? ايمانوئل ميڪرون جي نالي پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل موقف ۽ ڊگهي فورمز تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته فيبروري ۾ صحيحون ڪيل ٻطرفي تعاون جي روڊ ميپ سان واپار، عوامي ??ابطن، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ توانائي جهڙن شعبن ۾ ڊگهي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صد?? يقين ظاهر ڪيو ته صد?? ميڪرون جي متحرڪ قيادت ۾اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل فائدي جي لاءِ اعليٰ سطحي تي کڻي وينداسين. ڊا??ٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ فرانس جي صد?? لاءِ سٺي صحت، فرانس جي عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
صدر پاران فرانس جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران فرانس جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا