اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ??ري ٿي ۽ انهن تي عملدرآمد جاري رکندي، حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ، سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سميت اسمگلنگ جي رو??ٿام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اها ڳالهه هن ناڻي، توانائي ۽ ڪامرس ??ار?? نگران وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ??ار?? نگران وفاقي وزير چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جي ٻن ڏينهن ??ار?? اجلاس جو اڄ پهريون ڏينهن هو، ان اجلاس جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ٽن وڏن مقصدن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ ۽ زراعت تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته اڄ ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي خرچن ۽ گر??شي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، نجڪاري جي عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ جي رو??ٿام سميت ٻين مسئلن تي غور ٿيو. هن چيو ته حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوالي سان رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو ۽ ويزا پاليسي ۾ به بهتري آندي ويندي. هن چيو ته اسمگلنگ جي رو??ٿام تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ??ري ٿي ۽ انهن تي عملدرآمد جاري رکندي. هڪ سوال تي هن چيو ته گذريل حڪومت جيڪي فيصلا ڪري وئي آهي، اسان جي قانوني راءِ اها ئي آهي ته اسان انهن تي عملدرآمد ڪنداسين. ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات ??ار?? نگران وفاقي وزير چيو ته اجلاس جاري آهي، اڄ پهريون ڏينهن هو، ان جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو، ان ۾ ٿيندڙ فيصلن جا سمورا تفصيل ميڊيا آڏو اچي ويندا.
نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن تي عملدرآمد جاري رکندي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ