لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري آجياڻي جو اهتمام ڪيو. آجياڻي ۾ برطانيا جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وڏي انگ ۽ پاڪستاني برادري جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا ۽ گڏيل قدرن ۽ خواهشن تي ٻڌل پائيدار پاڪ برطانيا لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي م??ڪن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي برطانيا ۾ پاڪستاني برادري جي خدمتن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم آجياڻي جي شرڪت ڪندڙن کي اقتصادي ۽ سياسي چئلينجن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪ??ي رهي آهي، ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. نگران وزيراعظم جامع، آزاداڻي ۽ شفاف چونڊ عمل جي اهميت تي زور ڏيندي جمهوري نظرين جي لاءِ قوم جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آجياڻي وار?? تقريب گڏيل مفاد جي معاملن تي تعميري مڪالمي جو بهترين موقعو فراهم ڪيو. آجياڻي جي پڄاڻي تي سوال ۽ جواب جو سيشن پڻ ٿيو جنهن ۾ نگران وزيراعظم برطا??وي پارليامينٽ جي م??مبرن جي سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري پاران آجياڻي جو اهتمام
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی