مظفر آباد – 26 – آڪٽوبر (??ي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن ۽ اخلاقيات جون ڌڄيون اڏائيندي معصوم ۽ بيگناهه ڪش??ير??ن جي امنگن جي ابتڙ ڏاڍ، ظلم ۽ تشدد ۽ دهشتگردي جي ذر??عي ڪسمير ۾ پنهنجي فوج لاهي رياست جي هڪ وڏي حصي تي جابراڻو قبضو ڪيو ۽ ان کانپوءِ انساني حقن جي خلاف ورزينجو اهڙو دور شروع ٿيو جو ڪش??ير??ن کي انهن جي بنيادي انساني حقن کان ئي محروم ڪيو ويو، 27 آڪٽوبر تي خوني لڪير جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪش??ير??، والاريل ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪش??ير?? عوام ڪڏهن به ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ڪيو، 1947ع ۾ عوامي بغاوت جي ذر??عي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف آزادي جي جدوجهد شروع ڪئي جنهن سان ڀارت بوکلائجي ويو، ڀارتي حڪومت پهرين جنوري 1948ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سان رجوع ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ ڪش??ير??ن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو جنهن تي گذريل 76 سالن کان عملدرآمد ڪرڻ کان انڪاري آهي ۽ مسلسل رياستي ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪش??ير??ن جي دلين مان آزادي جي تڙپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته والاريل واديءَ ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه ٿو گذري جڏهن ڪش??ير??ن تي ظلم نه ٿيندو هجي، معصوم ڪش??ير??ن تي اهڙا ظلم ڪيا ويا آهن جو جن سان انسانيت به شرمسار ٿي وئي آهي، ڀارت لکين ڪش??ير??ن کي شهيد ڪري ڇڏيو، هزارين بيگناهه نوجوانن کي قيد ڪري رکيو آهي، حريت قيادت مصيبت خانن ۾ رياستي ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهي آهي، هزارين عورتن جي لڄ لٽي وئي آهي جڏهن ته روزانو ڪش??ير??ن جي ملڪيتن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، انساني تاريخ جي بدترين ظلمن جي باوجود ڪش??ير??ن جو حوصلو بلند آهي ۽ انهن جي جذبي ۾ ذر?? برابر به گهٽتائي ناهي آئي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي جابراڻي قبضي کي ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرآئيني غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدمن کانپوءِ زمينن جي قانون ۾ تبديلي ڪري پنهنجي قابض فوج کي ڇانوڻين جي لاءِ والاريل واديءَ ۾ زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي، اڳوڻن ڀارتي فوجين جي لاءِ ڪالونيون ٺاهيون پيون وڃن ۽ اسرائيل جي طرز تي والاريل ڪشمير ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسيمبلي سيٽن ۾ حدبندي ڪميشن جي ذر??عي ڦيرڦار ڪري مسلمانن کي نمائندگي جي حق کان محروم ڪيو ويو آهي، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ جي لاءِ ڪش??ير?? نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ دنيا کان والاريل ڪشمير جي صورتحال لڪائڻ جي لاءِ ميڊيا تي سخت پابنديون هنيون ويون آهن.
ڪشميري عوام ڪڏهن به ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ڪندي: آزاد ڪشمير جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش