مظفر آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي سمورن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حيثيت عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي منصوبن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي، آزاد ??مون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو روڊ جي ذريعي رابطو انتهائي ضروري آهي جنهن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي ڪابينا جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ۽ ڪابينا ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي توسيع کانپوءِ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ آزاد ??مون ۽ ڪشمير جو دورو ڪرڻ تي نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ۽ ڪابينا پاران نگران و??يراعظم جي آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ گذريل ڏينهن جي تقريب جي زبردست پذيرائي ڪئي وئي. آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان ٻنهي طرفن جي ڪشميرين جا دل کٽي ورتا ۽ انهن جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي. هن چيو ته نگران و??يراعظم جي تقرير کي ڪشميري عوام، اوورسيز ڪشميرين، ڪشميري اڪيڊميا، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا پاران ڀرپور طريقي سان ساراهيو ويو. آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي ڪابينا ميمبرن جو چوڻ هو ته نگران و??يراعظم جي دليراڻي موقف ڪشميرين ۾ اميد جو نئون ڪرڻو پيدا ڪيو آهي. ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته آئون آزاد ??مون ۽ ڪشمير ۾ پاڪستان رياست جو موقف ورجائڻ آيو آهيان ته پاڪست??ن ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت عالمي سطح تي مڃيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي حربن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي. نگران و??يراعظم آزاد ??مون ۽ ڪسمير جي سمورن مسئلن خاص طور تي مالي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته شونٽر ٽنل، مري – مظفرآباد ايڪسپريس وي، مانسهره – مظفرآباد – منگلا، ميرپور ايڪسپريس وي جي تعمير جي حوالي سان وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ??مون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو رستي ذريعي رابطو انتهائي ضروري آهي جنهن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي سمورين و??ارتن ۾ آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي حوالي س??ن ڪمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرايو وين??و. ??گران و??يراعظم چيو ته آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي.
ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حيثيت عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي منصوبن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی