اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڻي جي زيان جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ضرو??ت آهي، گذريل هڪ سال دوران اسلام آباد ۾ ٽي فلٽريشن پلانٽ ??ني?? ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد، سينيٽر مهر تاج روغاني ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسلام آباد ۾ مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو آهي، ان کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ??يا وڃن، پاڻي جو زيان هڪ مسئلو آهي، اهو اهڙو معاملو آهي جيڪو رڳو ??نڊ سان حل ٿيڻ وارو نه آهي ان جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي پڻ ضرو??ت آهي، بدقسمتي سان اشرافيه جيترو پاڻي ضايع ڪري ٿي غريب ماڻهو ايترو ضايع نه ٿا ڪن. ??ن چيو ته قوم عوامي نمائندن جي چونڊ استحصالي نظام جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ ڪري ٿي، جيڪڏهن اهي اهو نه ٿا ڪري سگهن ته اها ناڪامي آهي. ??ن چيو ته گذريل هڪ سال دوران اسلام آباد ۾ ٽي فلٽريشن پلانٽ ??ني?? ويا آهن.
پاڻي جي زيان جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش