اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع ??مڪان موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان وفاقي جمهوريه جرمني جي سفير ايمبيسڊر الفريڊ گراناس ملاقات ڪئ??. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي جرمن چانسلر اولاف شولز جي مبارڪباد واري پيغام تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جرمني سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان کي يورپ ۾ پنهنجو هڪ اهم حصيدار تصور ڪري ٿو. وزيراعظم ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع ??مڪان موجود آهن. وزيراعظم واپاري وفد پاڪستان موڪلڻ جي قدم جي آجيان ڪئ?? ۽ جرمن سفير کي يقين ڏياريو ته وفد جي دوري جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر طرح جي سهولت فراهم ڪئ?? ويندي. هن جرمن چانسلر کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. جرمن سفير چيو ته جرمني ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مضبوطي جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام