اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهڙا آفيسر جيڪي بج??ي چوري ۽ سهولتڪاري ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف فوري طور تي سخت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن لائينز جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان جلد کان جلد حڪمت عملي جوڙي وڃي جڏهن ته ٽرانسفارمرز تي سمارٽ ميٽرز هڻڻ جي منصوبي تي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام تحت ڪم جي شروعات ۽ وڌيڪ نقصان ۾ ويندڙ فيڊرز تي فيڊر مانيٽرز لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بج??ي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاور واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته بج??ي چوري روڪڻ جي مهم جهڙن قدمن جي ذريعي هڪ مستحڪم نظام جوڙيون. هن چيو ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال قطعي طور تي بج??ي چوري جهڙي مسئلي کي برداشت ن?? ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم سخت هدايت ڪئي ته اهڙا آفيسر جيڪي بج??ي چوري ۽ ان حوالي سان سهولتڪاري ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف فوري طور تي سخت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان پهچائيندڙن کي سخت سزا ڏني ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن لائينز جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان جلد کان جلد حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته جنريشن ڪمپنيز سرڪاري خزاني تي بار آهن جن جي نجڪاري جي لاءِ ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي. هن بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي سولرائيزيشن جي حوالي سان مڪمل پلان ٺاهي رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ٽرانسفارمرز تي سمارٽ ميٽرز هڻڻ جي منصوبي تي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام تحت ڪم جي شروعات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڌيڪ نقصان ۾ ويندڙ فيڊرز تي فيڊر مانيٽرز هنيا ويندا. اجلاس کي بج??ي چوري جي خاتمي واري مهم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏ??ي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جن علائقن ۾ بج??ي چوري جي شرح گهٽ آهي اتي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 462 (O) ۾ آرڊيننس جي ذريعي ترميم آندي وئي آهي جنهن کانپوءِ بج??ي چوري هاڻي هڪ قابل دست اندازي پوليس ڏوهه آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته گذريل سال سيپٽمبر ۾ شروع ٿيندڙ بج??ي چوري جي مهم جي ڪري بج??ي چوري جي شرح ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، بج??ي چوري جي خاتمي واري مهم تحت سيپٽمبر 2023ع کان هيستائين 57 ارب رپين جي ريڪوري يا وصولي ڪئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مهم کي موثر بڻائڻ ڪيترن ئي بج??ي چوري جي خاتمي جي مهم ۾ هول آف دي گورنيمنٽ اپروچ اختيار ڪئي وئي. بج??ي چوري جي خاتمي جي مهم تحت ڪاررواين جي نتيجي ۾ پنجاب ۾ 45777، سنڌ ۾ 1250، خيبرپختونخواهه 5121 جڏهن ته بلوچستان ۾ 181 گرفتاريون عمل ۾ آندو ويون آهن. مهم دوران ڊسٽربيوشن ڪمپنيز جا 350 اهلڪار خراب ڪارڪردگي يا سهولتڪاري تي معطل ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بج??ي چوري روڪڻ جي لاءِ ڊويزن ۽ ضلعي انتظاميا جي س??ح تي ٽاسڪ فورس کي سٺي ڪارڪردگي تي ريڪوري رقم جو ڪجهه حصو بطور انعام ڏنو ويندو.
وزيراعظم پاران بجلي چوري ۽ سهولتڪاري ۾ ملوث آفيسرن خلاف فوري طور تي سخت ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo