اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي)صنعتن، پيداوار ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ??شم??رين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اسان ??شم??رين جي خود اراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي قربانين کي خراج تحسين پ??ش ڪيون ٿا. سومر ڏينهن وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ جا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جي ڀڇڪڙي آهن، جن ۾ چيو ويو هو ته رياست ڄمون ??شم??ر جي مستقبل جو حتمي فيصلو ??شم??ري عوام جي مرضي مطابق آزاد، اڻ ڌري ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته ??شم??ري ڀارت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻي قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ??شم??ر ۾ سنگين ڪارروائين سان گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي لاءِ سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ??شم??ري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ??شم??ر جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ??شم??ر جي سمورن شهيدن کي سندن لازوال قربانين ۽ سندن ڪٽنب جي ڀاتين کي انهن جي عزم ۽ حوصلي لاءِ ڀرپور خراج عقيدت پ??ش ڪيون ٿا. پاڪستان پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ سندن جائز حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو.
ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ سندن قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔