اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي س??ن واڳيل آهي، اسان کي ملڪ دشمن عنصرن تي ڪڙي نظر رکڻي پوندي، يڪجهتي جو مظاهرو ڪري ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان بلوچستان اسيمبلي ۾ 77 هين آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مون پنهنجي 31 سالا ڪيريئر ۾ نوٽ ڪيو آهي ته جڏهن به پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي وڃي ٿو ته لڪيل هٿ ان کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. نائب وزيراعظم چيو ته تمام پراڻي ڳالهه نه آهي رڳو 2017ع ۾ پاڪستان دنيا جي 24 هين وڏي معيشت بڻجي چڪو هو، ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪيٽرز ۽ عالمي ادارا لکي رهيا هئا پاڪستان عالمي فارن انويسٽمينٽ جي حوالي س??ن ٻي چوائس آهي، اسان جي 6 سيڪڙو گروٿ ۽ 2 سيڪڙو فوڊ انڊفيشن هئي، هن ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي پنجين بهترين ۽ ڏکڻ ايشيا جي نمبر هڪ اسٽاڪ ايڪسچينج بڻجي رهي هئي. هن چيو ته اچو گڏ??ي وچن ڪريون ته اسان ڪنهن به سازش جو شڪار نه ٿينداسين ۽ اتحاد ۽ اتفاق سان انهن ترقي دشمن عنصرن جو خاتمو ڪنداسين. محمد اسحاق ڊار چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه محم?? اقبال پاڪستان جي ترقي جي لاءِ جيڪو خواب ڏٺو هو اچو گڏ??ي انهن عظيم هستين جي خوابن کي اتحاد ۽ اتفاق سان پورو ڪريون. هن چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ معدني وسيلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ميان محمد نواز شريف جي س??براهي ۾ پاڪستان ائٽمي قوت بڻجي ويو جيڪو ڪم ذوالفقار علي ڀٽو شروع ڪيو الحمدالله اهو ڪم ميان محمد نواز شريف پڄاڻي تي پهچايو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان قيامت تائين قائم رهندو، عوام دشمن قوتن جي ڳالهين ۾ نه اچو ۽ پاڻ ۾ اتحاد، اتفاق ۽ ڀائيچاري جي لاءِ ڪردار ادا ڪريو. سندس چوڻ هو ته آئون ڪالهه کان ڪوئيٽا ۾ آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون غور سان ڏسي رهيو آهيان، هتان جي عوام جو جذبو ڏسي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان سڀ محب وطن آهيون ۽ پاڪستان کي معاشي سماجي علمي حوالي س??ن اڳتي ڏسڻ چاهيون ٿا. ان کان اڳ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار خاص مهمان جي حيثيت سان قومي جهنڊو ڦڙڪايو، بلوچستان ڪانسٽيبلري جي دستي کيس سلامي پيش ڪئي. تقريب ۾ اسڪول جي ٻارن ملي نغما پڻ پيش ڪيا. جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ۾ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وا??ار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر، اسيمبلي ميمبرن سان گڏ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه صوبي جي ايم پي ايز جن ۾ راحيلا نعيم، آغا علي حيدر ۽ حاديه نواز شامل آهن، شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ قبائلي اڳواڻن جو پڻ وڏو انگ موجود هو.
پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان واڳيل آهي، اسان کي ملڪ دشمن عنصرن تي ڪڙي نظر رکڻي پوندي، يڪجهتي جو مظاهرو ڪري ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر