اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته زرعي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، مقامي صنعت جي فروغ، نوجوانن کي فني مهارت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان 5 سالن وارو معاشي پل??ن جوڙيو پيو وڃي، متحد ٿي اسان پاڪستان کي جلد پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين ۽ اهو معاشي قوت بڻجندو. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪر?? رهيو هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن جي آجيان ڪندي چي?? ته گذريل ڏينهن هن ڪوئيٽا جو دورو ڪيو جتي شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي، انهن کي بلند حوصلي وارو ڏٺو، اتي 26 آگسٽ تي جيڪو ماحول ٺاهيو ويو، ??ن جو مقصد اهو هو ته اهو باور ڪرايو وڃي ته اتي ڪا عليحدگي جي تحريڪ هل?? رهي آهي، ان ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو اهو دهشتگردي جي انتها هئي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دوري دوران اتي ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا پاران دهشتگردي ۽ موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ته ڪهڙي طرح دهشتگرد ۽ خارجي عنصر ٻاهرئين مدد سان گڏجي نفرت جا ٻج پوک?? رهيا آهن، اتي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي قيادت ۾ سويلين حڪومت بلوچست??ن جي تعمير ۽ ترقي ۽ نوجوانن جي لاءِ بهترين پروگرام کڻ?? هل?? رهي آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، پاڪ فوج دهشتگردن جو پيڇو ڪر?? رهي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ان سان گڏ بيٺل آهن. هن چي?? ته دور دوران ليويز کي جديد اوزارن جي فراهمي جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي، انهن کي جديد اوزارن جي فراهمي جي لاءِ صوبائي حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. وزيراعظم چي?? ته دوري دوران سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ٿي، اهي سڀ محب وطن ۽ بلوچست??ن جي تعمير ۽ ترقي جا خواهشمند آهن، انهن جي جائز مشورن کي ٻڌو آهي، انهن تي مڪمل عمل ڪنداسين. هن چي?? ته دهشتگردن ۽ پاڪستان مخالفن سان ڳالهه ٻولهه جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جڏهن ته جن نوجوانن کي مختلف بيانيي سان گمراهه ڪيو پيو وڃي، انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، بلوچست??ن جي نوجوانن جي لاءِ چائنا ۾ اسڪالرشپس سميت ليپ ٽاپ ۽ ٻين پروگرامن ۾ انهن کي باقي ملڪن جي نوجوانن کان 10 سيڪڙو وڌيڪ ڪوٽا ڏني پئي وڃي، بلوچستان ۾ ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ 55 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سي پيڪ مان بلوچست??ن جا ماڻهو فائدو کڻ?? رهيا آهن، چي?? اس??ن جو آزمايل دوست آهي، چي??ين جي خلاف دهشتگردي ان دوستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ سي پيڪ جي ذريعي عوامي ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي برابر آهي. هن چي?? ته بلوچست??ن جي وڏي وزير سان گڏجي وفاقي حڪومت هر ممڪن قدم کڻ??دي، پاڪست??ن جي دشمنن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏجي عبرت جو مقام بڻائينداسين، ان کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جو سفر اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. وزيراعظم چي?? ته موڊيز پاڪست??ن جي ريٽنگ ۾ بهتري جو اعلان ڪيو جيڪو پاڪست??ن جي معاشي صورتحال جي بهتري جو اعتراف آهي، جڏهن ته اهو ڊگهو سفر آهي ۽ ان تي عزم سان هلڻو پوندو، پاڪست??ن جي ترقي جي س??ر تي حڪومتون ۽ قوم متحد آهي. وزيراعظم چي?? ته حڪومت هڪ معاشي پل??ن جوڙيو آهي جنهن تي تيزي سان ڪم ٿ?? رهيو آهي جيڪو جلد قوم آڏو آڻينداسين، ان 5 سالن واري منصوبي جي هدفن ۾ زرعي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، مقامي صنعت کي فروغ، نوجوانن کي فني مهارت ۽ روزگار جي فراهمي شامل آهي. وزيراعظم چي?? ته اسان کي محنت سان اڳتي وڌڻو آهي، مشڪلاتن جو مقابلو عزم سان ڪندڙ قومن جو رستو ڪير نه ٿو روڪي سگهي، محنت ۽ اتحاد سان پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو ۽ معاشي قوت بڻجندو.
زرعي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، مقامي صنعت جي فروغ، نوجوانن کي فني مهارت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان 5 سالن وارو معاشي پلان جوڙيو پيو وڃي، متحد ٿي اسان پاڪستان کي جلد پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج